گاجي شاهه گبربند

گاجي شاهه گبربند: ڪوهستان ۾ درگاهه گاجي شاهه ويجهو 610 فوٽن تائين جي ڊيگهه ۾ گبربند جا نشان موجود آهن، جن مان 210 فوٽن تائين نئن جي وهڪري ۾ لڙهي ويو آهي پر 400 فوٽن تائين بهتر حالت ۾ مو-جود آهي، جنهن جي اوچائي 45 فوٽ آهي. هي بند، مٽي، واري ۽ پٿرن جي ميلاپ سان ٺهيل آهي. تعميرات ۾ مختلف تهه نظر اچن ٿا. تر وارو تهه 140 فوٽ ويڪرو آهي. جڏهن ته ٻيو تهه 30 فوٽ ۽ ٽيون ۽ آخري تهه 15 فوٽ ويڪر ۾ آهي. هن بند کي پهريون ڀيرو تاج صحرائي دريافت ڪيو. ڪو به ماهر بند جي اڏاوت جو دؤر ڪٿي ناهي سگهيو.
آڳاٽي دور ۾ جنهن کي گبر بند سڏيندا هئا، ان کي موجوده دور ۾ ’گوربندر‘ چيو وڃي ٿو. گبربند ٻڌڻ لاءِ جيڪي پٿر ڪتب آندا ويا آهن، اهي گبر بند جي جبلن جا ناهن بلڪ ڪنهن ٻئي هنڌان آندل آهن. پراڻي دؤر جي جابلو ماڻهن جو هي هنر ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته پراڻي زماني ۾ پاڻيءَ کي اهڙا بند ٻڌي محفوظ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو